ڏوري ڏوري ڏيهه

ڏوري ڏوري ڏيهه

ڏوري ڏوري

ڏوري ڏوري

ڏوري ڏوري ڏيهه

ڏوري ڏوري ڏيهه (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو يورپ جو سفرنامو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، سهڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، جون 1984ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جي قيمت اُن وقت 20 روپيا رکي وئي هئي. ڪتاب جو انتساب: لڪيءَ ۽ ڪيس ڊي گروٽ جي نالي ڪيو ويو آهي. هي سفرنامو سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اٿينس، روم شهر، نيپلس، ڪٽپري، لنڊن، نيشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم، مادا تساد ميوزيم جي معائني، لسيٽر ۾ يادگار رات، ڪنگس لين، شيڪسپيئر جي شهر، ڊاڪٽر شئڪل ۽ ڊاڪٽر آلچن سان ملاقات، ائمسٽرڊام (هالينڊ)، پئرس وغيره بابت دلچسپ سفري يادگيريون شامل آهن. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، ڊيمي سائيز جي 168 صفحن تي ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ ڏوري ڏوري ڏيههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو